شرح منية المصلي (قلمي نسخو)

شرح منية المصلي (قلمي نسخو)

شرح منية المصلي قلمي نسخو

شرح منية المصلي (قلمي نسخو): عربي ٻوليءَ ۾ لکيل هي قلمي نسخو حنفي فقھ تي مشتمل آهي جيڪو ابراهيم بن ابراهيم الحلبي جو لکيل آهي ۽ جيڪو بلڪل اڻپورو آهي. اصل ڪتاب ‘منية المصلي’ جو مصنف سديد الدين ڪاشغري (متوفي 705هه/1305ع) هو، جنهن جي شرح ابراهيم لکي ان جو نالو ‘غنية المتملي في شرح منية المصلي’ رکيو هو. هي ڪتاب خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، پر ڪاتب ۽ ڪتابت جي تاريخ معلوم نه آهي. هي قلمي نسخو 188 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي هر صفحي تي 17 سٽون تحرير ٿيل آهن. عربي ٻوليءَ جو هي اڻپورو نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو